تذڪره سلاطين ڪيچ و مڪران

تذڪره سلاطين ڪيچ و مڪران (ڪتاب ):هن ڪتاب جو مصنف حاجي عبدالنبي افغان آهي. هيءُ ڪتاب فارسي ٻوليءَ ۾ آهي. مصنف کي پهرين افغان ويڙهه ۾ (1838ع) ڪپتان ليچ، قلات کان مڪران ڏانهن، اُتي جي حالتن معلوم ڪرڻ لاءِ موڪليو هو. سندس تحقيقات تي ٻڌل مضمون، 1844ع جي ايشياٽڪ سوسائٽي بنگال جي رسالي ۾ ٻن قسطن ۾ شايع ٿيو. ان ۾ مصنف جو هڪ سفرنامو به موجود آهي. هن تذڪري ۾ ڪيچ ۽ مڪران جي سلطانن جو ذڪر آهي ۽ ان مان سنڌ جي تاريخ تي به مختصر روشني پوي ٿي. هن ڪتاب جو هڪ نسخو برٽش لائبرريءَ (اڳوڻي انڊيا آفيس لائبرريءَ) ۾ 303 نمبر تي موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو